محترمه نصرت ڀٽو: جمهوري جدوجهد، جرئت ۽ ثابت قدمي جي علامت


فرزانا راجا
محترمه نصرت ڀٽو جي اوچتي ۽ رنج پهچائيندڙ  رحلت سان پاڪستان جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو آهي. محترمه  نصرت ڀٽو پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر واري ۽ اسلامي دنيا جي پهرين  عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي والده ئي نه پر ان جو نالو پاڪستان ۽ عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد جي علامت طور ياد رکيو ويندو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ هن پاڪستان جي عوام کي پنهنجن ٻچن وانگي ماءُ جو پاڇو ڏنو ۽ قوم توڙي جمهوريت  جي مستقبل لاءِ وقت جي آمرن جو مقابلوڪيو.
پاڪستان جي خاتون اول هئڻ جي ناتي هوءَ  ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام جي خدمت لاءِ هميشه پيش پيش رهندي هئي، ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي جمهوري حڪومت ۾ اختيار ٿيل لاتعداد غريب دوست پاليسين پٺيان بيگم نصرت ڀٽو جي ذات جو به سگهارو عنصر  هو، هڪ فوجي آمر پاران قائد عوام جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کان پوءِ محترمه نصرت ڀٽو هر طرح جي مسئلن ۽ تڪليفن جو مقابلو افسانوي جرئت ۽ بهادري سان ڪيو. هڪ پاسي هوءَ پنهنجي عظيم ور جي زندگي بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهي هئي ته ٻئي پاسي کيس مارشل لا جي وحشت جو مقابلو ڪرڻو پئجي  ويو هو.
ان کان اڳ شهيد ذوالفقار  علي ڀٽو جي جمهوري حڪومتي دور ۾ محترمه  نصرت ڀٽو جي بابصيرت شخصيت ئي هئي، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ عورت شعبو وجود ۾ آندو، جيڪو هڪ ڪارائتو سياسي ڍانچو ئي نه پر عورتن جو آواز بڻجي آڏو آيو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته 1974ع ۾ لاهور ۾ ٿيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ هن انتهائي متحرڪ ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو. مارشل لا دور ۾ ان جي برداشت ۽ همت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ٿيڻ باوجود هن تحرڪ سياست کان پاسو نه ڪيو، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي 1979ع ۾ شهادت کان پوءِ محترمه نصرت ڀٽو پارٽي ڪارڪنن جي همت ٻڌي ۽  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن طور قيادت  جو بار کنيو.
هيءَ اهو  ظالم دور هو جڏهن فوجي حڪمران ضياءَ الحق، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي جماعت  پاڪستان پيپلز پارٽي  کي صفحئه هستي تان هٽائڻ تي بضد هو، پر نصرت ڀٽو انهن   ارادن جي راهه ۾ پهاڙ بڻجي بيٺي. هن جمهوريت  جي بحالي جي  غيرمعمولي جدوجهد شروع ڪئي. جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) کي وجود ۾ آڻڻ ۽ ان کي هلائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. مارشل لا حڪومت پاران اختيار ڪيل ظلم ۽ ستم جو  ان کان اڳ ڪو مثال نه پيو ملي. شايد حڪمران محترمه نصرت ڀٽو جي ذات کي پنهنجي لاءِ وڏو خطرو سمجهي رهيا هئا، جنهن ڪري کيس نظر بند ڪيو ويو.
هيءَ اهو سخت دور هو، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪيئي مخلص ڪارڪنن کي ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي ۽ ڪن کي سرعام ڦاهيون ڏنيون ويون،  انهن سخت سزائن ۽ ڪوڙن کي ڏسندي ڪن نام نهاد وڏن اڳواڻن پرڏيهي ملڪن اندر پناهه وٺڻ ۾ ڪافيت  ڄاتي، هيءَ اهو وقت هو جو فوجي حڪمران پاڪستان پيپلز پارٽي کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ها،  جيڪڏهن محترمه نصرت ڀٽو جمهوريت جو الم اوچو نه رکي ها.
ان جمهوري جدوجهد دوران لاهور ۾ ڏنڊن جي وسڪارن دوران محترمه  نصرت ڀٽو جي مٿي تي  شديد ڌڪ رسيا. 1982ع ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي ڪينسر جي بيماري ظاهر ٿي پر ان  خوفناڪ بيماري باوجود سندس حوصلو نه ٽٽو ۽ هن پرڏيهي ملڪ جمهوريت  جي بحالي  جي جدوجهد جاري رکي ۽ پنهنجي ڌيءَ شهيد بينظير ڀٽو سان هر نموني جوسهڪار به ڪيو ته رهنمائي به ڪئي.
جمهوريت جي بحالي ۽ مارشل لا جي خاتمي لاءِ ان عظيم جدوجهد دوران محترمه نصرت ڀٽو نه صرف جيل ڪٽيو پر کيس غاصب حڪمرانن جي  غندن تشدد جو به نشانو بڻايو، پر  ان باوجود هن پنهنجي عظيم ڌيءَ شهيد بينظير ڀٽو جي همراهه اها تاريخي جدوجهد جاري رکي. 1985ع ۾ هن جنرل ضياءَ الحق پاران چونڊن جي ڊرامي جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ملڪ جي ٻي وڏي اهم سياسي طاقتن کي به راضي ڪيو، جنهن نتيجي ۾ چونڊن جي ڍونگ جي ڪا ساک نه رهي.
پنهنجي عظيم مڙس جي شهادت کانپوءِ به بيگم صاحبه کي ڪيترن ئي صدمن مان گذرڻو پيو. مارشل لا حڪومت خلاف  جدوجهد دوران جڏهن هو ڪينسر سان وڙهي رهي هئي ته  پنهنجي پياري ننڍڙي پٽ شاهنواز  ڀٽو جي موت جي خبر ٻڌائي وئي. هن قيد ۽ جلاوطني برداشت ڪئي پر جمهوريت جي جدوجهد ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ساٿ نه ڇڏيو، بعد ۾ کيس پنهنجي ٻئي پٽ ميرمرتضيٰ ڀٽو جي موت کان پوءِ ان جي صحت تيزي سان خراب ٿيڻ لڳي، جيڪا 23 آڪٽوبر 2011ع تي خالق حقيقت سان ملڻ تائين بحال نه ٿي سگهي.
اڄ محترمه نصرت ڀٽو جسماني طور اسان وٽ موجود ناهي، البته اها  هوءَ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن لاءِ هميشه مثال طور موجود رهندي، خاص ڪري پاڪستان  ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ ان جي خدمت کي وساري نٿو سگهجي.
محترمه نصرت ڀٽو انتهائي مشڪل دور ۾ پنهنجي  لازوال جدوجهد ۽ جمهوريت  توڙي ملڪ لاءِ عظيم قربانين سبب هميشه ياد رکي ويندي.

Comments

Popular posts from this blog

Young achievers

The Indus Water Treaty and the World Bank

Continued Cooperation With China