Thursday, 27 October 2011



محترمه نصرت ڀٽو: جمهوري جدوجهد، جرئت ۽ ثابت قدمي جي علامت


فرزانا راجا
محترمه نصرت ڀٽو جي اوچتي ۽ رنج پهچائيندڙ  رحلت سان پاڪستان جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو آهي. محترمه  نصرت ڀٽو پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر واري ۽ اسلامي دنيا جي پهرين  عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي والده ئي نه پر ان جو نالو پاڪستان ۽ عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد جي علامت طور ياد رکيو ويندو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ هن پاڪستان جي عوام کي پنهنجن ٻچن وانگي ماءُ جو پاڇو ڏنو ۽ قوم توڙي جمهوريت  جي مستقبل لاءِ وقت جي آمرن جو مقابلوڪيو.
پاڪستان جي خاتون اول هئڻ جي ناتي هوءَ  ملڪ جي غريب ۽ مظلوم عوام جي خدمت لاءِ هميشه پيش پيش رهندي هئي، ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي جمهوري حڪومت ۾ اختيار ٿيل لاتعداد غريب دوست پاليسين پٺيان بيگم نصرت ڀٽو جي ذات جو به سگهارو عنصر  هو، هڪ فوجي آمر پاران قائد عوام جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ کان پوءِ محترمه نصرت ڀٽو هر طرح جي مسئلن ۽ تڪليفن جو مقابلو افسانوي جرئت ۽ بهادري سان ڪيو. هڪ پاسي هوءَ پنهنجي عظيم ور جي زندگي بچائڻ جي جدوجهد ڪري رهي هئي ته ٻئي پاسي کيس مارشل لا جي وحشت جو مقابلو ڪرڻو پئجي  ويو هو.
ان کان اڳ شهيد ذوالفقار  علي ڀٽو جي جمهوري حڪومتي دور ۾ محترمه  نصرت ڀٽو جي بابصيرت شخصيت ئي هئي، جنهن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ عورت شعبو وجود ۾ آندو، جيڪو هڪ ڪارائتو سياسي ڍانچو ئي نه پر عورتن جو آواز بڻجي آڏو آيو. تمام ٿورن ماڻهن کي خبر آهي ته 1974ع ۾ لاهور ۾ ٿيل اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ هن انتهائي متحرڪ ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو. مارشل لا دور ۾ ان جي برداشت ۽ همت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هر طريقو استعمال ٿيڻ باوجود هن تحرڪ سياست کان پاسو نه ڪيو، قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي 1979ع ۾ شهادت کان پوءِ محترمه نصرت ڀٽو پارٽي ڪارڪنن جي همت ٻڌي ۽  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن طور قيادت  جو بار کنيو.
هيءَ اهو  ظالم دور هو جڏهن فوجي حڪمران ضياءَ الحق، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي جماعت  پاڪستان پيپلز پارٽي  کي صفحئه هستي تان هٽائڻ تي بضد هو، پر نصرت ڀٽو انهن   ارادن جي راهه ۾ پهاڙ بڻجي بيٺي. هن جمهوريت  جي بحالي جي  غيرمعمولي جدوجهد شروع ڪئي. جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) کي وجود ۾ آڻڻ ۽ ان کي هلائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. مارشل لا حڪومت پاران اختيار ڪيل ظلم ۽ ستم جو  ان کان اڳ ڪو مثال نه پيو ملي. شايد حڪمران محترمه نصرت ڀٽو جي ذات کي پنهنجي لاءِ وڏو خطرو سمجهي رهيا هئا، جنهن ڪري کيس نظر بند ڪيو ويو.
هيءَ اهو سخت دور هو، جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪيئي مخلص ڪارڪنن کي ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي ۽ ڪن کي سرعام ڦاهيون ڏنيون ويون،  انهن سخت سزائن ۽ ڪوڙن کي ڏسندي ڪن نام نهاد وڏن اڳواڻن پرڏيهي ملڪن اندر پناهه وٺڻ ۾ ڪافيت  ڄاتي، هيءَ اهو وقت هو جو فوجي حڪمران پاڪستان پيپلز پارٽي کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ها،  جيڪڏهن محترمه نصرت ڀٽو جمهوريت جو الم اوچو نه رکي ها.
ان جمهوري جدوجهد دوران لاهور ۾ ڏنڊن جي وسڪارن دوران محترمه  نصرت ڀٽو جي مٿي تي  شديد ڌڪ رسيا. 1982ع ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي ڪينسر جي بيماري ظاهر ٿي پر ان  خوفناڪ بيماري باوجود سندس حوصلو نه ٽٽو ۽ هن پرڏيهي ملڪ جمهوريت  جي بحالي  جي جدوجهد جاري رکي ۽ پنهنجي ڌيءَ شهيد بينظير ڀٽو سان هر نموني جوسهڪار به ڪيو ته رهنمائي به ڪئي.
جمهوريت جي بحالي ۽ مارشل لا جي خاتمي لاءِ ان عظيم جدوجهد دوران محترمه نصرت ڀٽو نه صرف جيل ڪٽيو پر کيس غاصب حڪمرانن جي  غندن تشدد جو به نشانو بڻايو، پر  ان باوجود هن پنهنجي عظيم ڌيءَ شهيد بينظير ڀٽو جي همراهه اها تاريخي جدوجهد جاري رکي. 1985ع ۾ هن جنرل ضياءَ الحق پاران چونڊن جي ڊرامي جو بائيڪاٽ ڪيو ۽ ملڪ جي ٻي وڏي اهم سياسي طاقتن کي به راضي ڪيو، جنهن نتيجي ۾ چونڊن جي ڍونگ جي ڪا ساک نه رهي.
پنهنجي عظيم مڙس جي شهادت کانپوءِ به بيگم صاحبه کي ڪيترن ئي صدمن مان گذرڻو پيو. مارشل لا حڪومت خلاف  جدوجهد دوران جڏهن هو ڪينسر سان وڙهي رهي هئي ته  پنهنجي پياري ننڍڙي پٽ شاهنواز  ڀٽو جي موت جي خبر ٻڌائي وئي. هن قيد ۽ جلاوطني برداشت ڪئي پر جمهوريت جي جدوجهد ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ساٿ نه ڇڏيو، بعد ۾ کيس پنهنجي ٻئي پٽ ميرمرتضيٰ ڀٽو جي موت کان پوءِ ان جي صحت تيزي سان خراب ٿيڻ لڳي، جيڪا 23 آڪٽوبر 2011ع تي خالق حقيقت سان ملڻ تائين بحال نه ٿي سگهي.
اڄ محترمه نصرت ڀٽو جسماني طور اسان وٽ موجود ناهي، البته اها  هوءَ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن لاءِ هميشه مثال طور موجود رهندي، خاص ڪري پاڪستان  ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ ان جي خدمت کي وساري نٿو سگهجي.
محترمه نصرت ڀٽو انتهائي مشڪل دور ۾ پنهنجي  لازوال جدوجهد ۽ جمهوريت  توڙي ملڪ لاءِ عظيم قربانين سبب هميشه ياد رکي ويندي.

Tuesday, 25 October 2011



الوداع اي مادرِ جمهوريت الوداع
شرجيل انعام ميمڻ
مادرِ جمهوريت، مادرِ عوام ۽ پاڪستان جي عظيم محسنه بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي سيني ۾ بيشمار ڏک کڻي هن فاني جهان مان رخصت ٿي وئي.
23 مارچ 1929ع تي ايران جي شهر اصفهان جي هڪ خوشحال گهراڻي ۾ پيدا ٿيندڙ نصرت اصفهاني پاڪستان جي لاءِ جيتريون قربانيون ڏنيون ۽ جيترا ڏک سٺا، هي ڌرتي سندس اهو قرض ڪڏهن به نه لاهي سگهندي! تاريخدان اها حقيقت پنهنجي ڳوڙهن سان لکندا ته  پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ڪوڙن ۽ سياسي بنيادن تي ٺاهيل ڪيسن ۾، بيگم نصرت ڀٽو کي آخري ساهن  تائين وارنٽ ۽ سمن جاري ڪندي رهي!  بيگم نصرت ڀٽو جو اصفهان جي حريري خاندان سان تعلق هو ۽ سندس ڏاڏي ڪرد هئي. اهو ئي سبب آهي ته مزاحمت جي روايت سندس خون ۾ شامل هئي. 8 سيپٽمبر 1951ع ۾ڪراچيءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان سندس شادي ٿي. ڀٽو خاندان پڻ آزادي ۽ عوام جي بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ۽ مزاحمت جي فخر لائق تاريخ رکندڙ هو. بيگم نصرت ڀٽو پاڪستان جي واحد عورت هئي جنهن جو سهرو، جنهن جو ور ۽ جنهن جي ڌيءَ وزير اعظم جي منصب تي فائز رهيا ۽  هوءَ هڪ صدر جي سس هئي. 14 آگسٽ 1973ع کان 5 جولاءِ 1977ع تائين هو پاڪستان جي  خاتون اول رهي.
جيتوڻيڪ سندس ساهرا توڙي والدين رائل فيمليز سان تعلق رکندڙ هئا، پر هن پاڪستان جي ميدانن ۽ روڊن تي پاڪستان جي عوام جي لاءِ جمهوري حقن جي ويڙهه وڙهي ۽ جيلن جي گهٽ  ٻُوسٽ واري ۽ بدبودار ماحول ۾ وقت گذاريو. ڀٽو صاحب جي شهادت کان ڪجهه وقت پوءِ ، ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي هڪ تعزيتي جلسي کي خطاب ڪندي، هن اعلان ڪيو هو ته جيستائين عوام ۽ جمهوريت جا دشمن موجود آهن، تيستائين هوءَ چين سان نه ويهندي ۽ ان جدوجهد ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندي. 1973ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊيز ونگ قائم ڪئي ۽ بيگم نصرت ڀٽو ان جي پهرين صدر چونڊي وئي. هن پارٽي جي ان ذيلي تنظيم کي منظم ڪيو ۽ پنهنجي ڪارڪنن جي نظرياتي تربيت ڪئي.  5 جولاءِ 1977ع تي جڏهن جنرل ضياءُ الحق ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، مارشل لا لڳايو ته بيگم نصرت ڀٽو مارشل لاکي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو.  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس مسٽر جسٽس يعقوب خان سندس درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي. ضياءُ الحق کان اها ڳالهه برداشت نه ٿي ۽ هن چيف جسٽس يعقوب خان کي غير آئيني طورسندس عهدي تان هٽائي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي جسٽس انوارالحق کي چيف جسٽس بڻايو ويو. ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران رياست جي وڪيل اي ڪي بروهي ان وقت آفريڪا جي بيٺڪي ملڪ رهوڊيشيا ۾ مارشل لا جي جواز طور گهڙيل نظريهء ضرورت کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو. سپريم ڪورٽ نظريهء ضرورت جي بنياد تي پاڪستان ۾ مارشل لا کي جائز قرار ڏنو. مزي جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ رهوڊيشيا جي نظريهء ضرورت کي تسليم ڪيو ويو پر ساڳي سال رهوڊيشيا ۾ نظريهء ضرورت ختم ٿي ويو. بيگم نصرت ڀٽو ڪيس ۾ عدالت جيڪو فيصلو ڏنو ان کي عوام ۽ انتهائي بي جواز قرار ڏيئي رد ڪري ڇڏيو. بيگم نصرت ڀٽو ڪيس جو فيصلو تاريخ ۾ هميشه پاڪستان جي عوام ۽ جمهوريت خلاف تمام وڏي زيادتي ۽ ناانصافي طور ياد رکيو ويندو.
هڪ دفعو بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جيل ۾ ڀٽو صاحب سان ملاقات ڪرڻ ويئي ته ڀٽي صاحب کانئس پڇيو ته ٻاهر ڇا پيو ٿئي بيگم صاحب جواب ڏنو ته، ”ذ لفي ! توهان ٻاهر بالشويڪ پارٽي ڇڏي ڪونه آيا هئا؟“. واضع رهي ته بالشويڪ پارٽي 1917ع ۾ روس ۾ انقلاب برپا ڪيو هو. بيگم صاحبه جو مطلب هو ته پيپلز پارٽي ڪا هٿيار بند جدوجهد ڪندڙ انقلابي پارٽي نه آهي. ان جي باوجود بيگم نصرت ڀٽو انهيءَ پر امن جمهوري پارٽي ذريعي ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائي، جيڪا هن خطي جي تاريخ جي عظيم مزاحمتي تحريڪ هئي. مادرِ عوام بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي سيني ۾ ايترو ته گهڻو غم سمائي هن دنيا مان رخصت ٿي آهي جو سندس موت تي پاڪستان جي فضا تي به اوترو ئي گهڻو غم ڇانيل آهي. پاڪستان جو عوام ايران جي هن خاتون جا احسان نه لاهي سگهندو. الوداع اي مادرِ عوام الوداع، الوداع اي مادرِ جمهوريت الوداع! اوهان جي مظلوميت تي تاريخ روئيندي رهندي.

اصفهان ڇڏي سنڌ سان ناتو جوڙيندڙ بيگم ڀٽو!
ذوالفقار قادري
23 مارچ 1929ع ۾ ايران جي شهر اصفهان ۾  جنم وٺندڙ نصرت اصفهاني جو پيءُ مرزا محمد عراقي شهر نجف اشرف ۾ ڄائو هو. مرزا محمد بنيادي طور هڪ واپاري هو، هو جڏهن هندستان گهمڻ سانگي آيو ته بمبئي کيس ڏاڍو وڻيو ۽ پوءِ بمبئي ۾ ئي ”بغداد سوپ“ جي نالي سان صابڻ جو ڪارخانو کوليائين. بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي ابتدائي تعليم بمبئي ۾ ورتي ۽ اتان سينيئر ڪيمبرج پاس ڪيائين ۽ بيگم نصرت ڀٽو ڪاليج ۾ ئي بنيادي فوجي تربيت به حاصل ڪئي. نصرت اصفهاني جا اهي ڏينهن يادگار هئا، جڏهن هوءَ پنهنجي ڀاڻيجي فخري بيگم سان گڏ بمبئي ڀرسان تفريحي مقام کنڊالا ۽ لوڻا وارا گهمڻ ويندي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌ جي روايتي ڀٽو جاگيردارن مان سر شاهنواز ڀٽو جي فيملي به بمبئي ۾ رهندي هئي. ٻارنهن سالن جي نصرت اصفهاني ۽ فخري کنڊالا جي هڪ پارڪ ۾ گهميا پئي ته ان تفريح گاهه ۾ کين منور الاسلام نالي ڇوڪري پنهنجي ڀاءُ ذلفي ڀٽو سان گڏ ملي. منور اسلام کيس ٻڌايو ته هو سنڌ جي لاڙڪاڻي جا ڀٽوز آهن، پوءِ هي ٽئي ڇوڪريون نصرت، فخري ۽ منور پاڻ ۾ سهيليون بڻجي ويون.
ڪجهه عرصي بعد مرزا محمد بمبئي مان ڪراچي لڏي آيو، انهن ڏينهن ۾ منور اسلام جي شادي هئي ۽ هن پنهنجي سهيلي نصرت کي وليمي جو سڏ ڏنو هو. نصرت جڏهن هڪ بينڪ جي لاڪر مان پنهنجا زيور کڻڻ وئي، تڏهن ذلفي ڀٽو پنهنجي ماءُ خورشيد سان بينڪ ۾ بيٺو هو، نصرت کيس ڪو نه سڃاتو، پر خورشيد کيس ٻڌايو ته هي منهنجو پٽ ذلفي آهي، آمريڪا ۾ پڙهي ٿو. منور جي شادي کان پوءِ هو آمريڪا هليو ويو. هن جي داخلا جڏهن آڪسفورڊ ۾ ٿي، ان کان پوءِ بيگم نصرت ۽ ذلفيءَ ۾ رابطن جو سلسلو وڌندو ويو ۽ آخر باضابطه رشتو موڪليو ويو. جڏهن خبر پئي ته ذلفي اڳ به شادي شده آهي ته نصرت ڊڄي ويئي، پر ذلفي نصرت جو پيڇو نه ڇڏيو، آخر زلفي نصرت کي راضي ڪري ورتو ۽ 1951ع ۾ ٻئي ڄڻا هميشه لاءِ هڪ رشتي ۾ جڙي ويا.
بيگم نصرت ڀٽو جڏهن پهريون دفعو موهن جي دڙي جي مٽي تي لاڙڪاڻي پهتي ته هن روايتي ڀٽوز جي رسمن ۽ ريتن جو خيال رکندي برقعو پاتو، پر ذوالفقار علي ڀٽو کيس اها لبرٽي ڏني ته جيڪڏهن هوءَ نه چاهي ته برقعو ڀلي نه پائي. بيگم نصرت ڀٽو کي خبر هئي ته ڀٽو سنڌ جا روايتي جاگيردار آهن، کيس سندس سس خورشيد بيگم جا ڪشالا به ياد هئا. خورشيد جيڪا هڪ غريب گهراڻي جي هئي، پر سنڌ جي سر شاهنواز ڀٽو کيس پنهنجي راڻي بڻائي محلن ۾ رهايو. خورشيد ڏاڍا وس ڪيا هئا، پر ڀٽوز جي روايتي نوابن ڪڏهن دل سان قبول نه ڪيو. نصرت اصفهاني به ڌاري هئي، کيس پنهنجي سس جي ڪشالن جي خبر هئي، هن نه صرف ڀٽوز جي ريتن، رسمن ۽ رواجن کي قبول ڪيو، پر سنڌ جي تهذيب ۾ پاڻ کي ضم ڪري ڇڏيو. نصرت ڀٽو روايتي ڀٽوز سان پنهنجائپ وارا رستا رکيا، پر کيس به پنهنجي سس جيان روايتي ڀٽو جاگيردارن قبول نه ڪيو. بيگم نصرت ڀٽو کي خبر هئي ته هو ذلفي ڀٽو جي ٻي گهرواري آهي، هن ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين گهر واري شيرين امير بيگم ڀٽو جو هميشه وڏي ڀيڻ جيان احترام ڪيو. هوءَ پنهنجي مڙس جي ٻانهن ٻيلي ٿي
بيٺي. بينظير، مرتضيٰ، شاهنواز ۽ صنم جهڙن ٻارڙن کي جنم ڏيندڙ نصرت ڀٽو کي ساڙ کائيندڙ ماڻهو چوندا هئا ته ذلفي ڀٽو جو ته ايران جي شهنشاهه رضا شاهه پهلوي جي ڀيڻ فرح ۽ بنگالي حسينه حسنه شيخ سان واسطا آهن. پر نصرت هميشه کلي ڳالهه ٽاري ڇڏيندي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي وڪالت کان ويندي اسڪندر مرزا جي وقت اقتداري ايوانن ۾ داخل ٿيڻ ۾ به نصرت جو وڏو هٿ رهيو. اسڪند مرزا جي زال ناهيد ايرانڻ هئي، نواب احمد خان ڀٽو جي دعوت ۾ اسڪندر مرزا نوجوان ذلفي کان ڏاڍو متاثر ٿيو. ڀٽي جي نفاست ۽ انگريزي ناهيد کي موهي وڌو. آخر ڀٽو اسڪندر مرزا ڪابينا ۾ وزير بڻجي ويو. اڳتي هلي ايوبي دور ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو احتجاجي تحريڪ هلائي نظربند ٿيو ته بيگم نصرت ڀٽو نه صرف ٻارڙن کي سنڀاليو، پر ڀٽو صاحب جي ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي رهي. ڀٽو جڏهن ملڪ جو سربراهه بڻيو ته خاتون اول هئڻ باوجود بيگم نصرت ڀٽو مسڪينن جي ڀر جهلي ٿي بيٺي رهي. 1977ع ۾ ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ جي مارشل لا وارن ڏهاڙن ۾ بيگم نصرت ڀٽو نه صرف مارشل لا کي للڪاريو، پر پاڪستان پيپلز پارٽي کي به سنڀاليو.
نوجوان ڌيءَ بينظير ڀٽو سان گڏ قذافي اسٽيڊيم ۾ ضياءَ مارشل لا جا ڏنڊا کائيندڙ بيگم نصرت ڀٽو رت ۾ لهو لهان هئڻ باوجود حوصلو نه هاريو. آخرڪار ذوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو، پر بيگم نصرت ڀٽو قوم جي ماءُ جا فرض نڀائيندي رهي. بيگم نصرت ڀٽو مڙس جي شهادت بعد نوجوان پٽ شاهنواز ڀٽو جو صدمو سٺو، پر حوصلو نه هاريو. هن پنهنجي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي اليڪشن ورڪ ۾ جهر جهنگ وڃي آخر کيس کٽرايو ۽ جلاوطن مير مرتضيٰ ڀٽو واپس وطن وريو. بيگم نصرت ڀٽو ڏاڍي خوش هئي ته اوچتو 20 سيپٽمبر 1996ع تي مير مرتضيٰ ڀٽو شهيد ڪيو ويو. کيس مير مرتضيٰ ڀٽو جي صدمي جهوري وڌو، محترمه بينظير ڀٽو کيس دبئي واري گهر ۾ وڃي رهايو، پر بيگم نصرت ڀٽو جنهن علالت جو شڪار ٿي ان مان نه نڪري سگهي.
چوڻ وارا چون ٿا ته کيس آخر تائين محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي به خبر نه هئي. بيگم نصرت ڀٽو جا اهي ڏينهن آئون ڪيئن ٿو وساري سگهان، جڏهن هو هر سال منهنجي گهر قمبر ۾ مجلس ۾ شرڪت لاءِ منهنجي امڙ جي سڏ تي منهنجي گهر اچي هيٺ پٽ تي ويهي رهندي هئي. 82 ورهين ۾ هي فاني دنيا ڇڏي ويندڙ نصرت اصفهاني اڄ اسان درميان ناهي رهي، پر سنڌ جا ماڻهو کيس سدائين ياد رکندا.

Thursday, 13 October 2011


Demand for new provinces

Courtesy:Dr Muhammad Azam

Movements for new provinces are becoming increasingly visible. Voices for new provinces continue to be raised more frequently and more vigorously. Such voices are supported by some quarters but also rejected by others. Some of the politicians as well as political parties are caught in a dilemma. They seem to be confused on how to respond to demands for new provinces. PML-N can be seen at the top of this list.

What is interesting to note is very strange arguments are coming to the fore. To begin with, more provinces can be made on administrative but not on ethno-linguistic basis. The argument sounds primitive and unformed and does not seem to carry any logic. Politicians having this stance look very naïve. Is it not a reality that all of the existing provinces have strong ethno-linguistic identities? Major ethnic communities of Punjab, Sindh, Balochistan, and Khyber-Pakhtunkha are Punjabi, Sindhi, Balochi, and Pukhtuns. Furthermore, major languages of the four provinces are Punjabi, Sindhi, Balochi, and Pushto. So, names of the four provinces unquestionably refer to, before anything else, their major ethnic communities and languages.

Same is the case with Kashmir and Gilgit-Baltistan comprising Kashmiri and Balti majority communities whose major languages carry the same names respectively. Having a glance beyond the national boundaries one can see the long list of countries with their names signifying their ethno-linguistic dimensions and outlook. In Europe, states of Germany, France, and Denmark, for example, consist of German, French, and Danish ethnic populations. And, their major languages are also German, French, and Danish. Likewise, Central Asian states of Tajikistan, Uzbekistan, Kirghizstan and others, and many of the Asian countries including Turkey, China, Japan, Russia, and Malaysia are also examples of the same omnipresent political reality. It simply means that ethnicity and language have been basic factors shaping political action and agenda over the centuries and millennia, both at the national and international levels. Statements and stances negating the ethno-linguistic basis lack in realization and acceptance of the significance of ethnicity and language in the sociopolitical aspects of human life and society. The stance, in reality, alludes to the fact that their holders are intensely oblivious to efficacy and practicality of ethno-linguistic characteristics in the administration and organization of political communities around the world. How would the politicians, who repudiate ethno-linguistic basis for new provinces, like to respond to questions like: if all of the existing provinces are acceptable to them despite their strong ethno-linguistic foundations why the ethno-linguistic factors should be discarded while responding to the demands for new provinces? Why do they not challenge or reject the names and territorial boundaries of their respective provinces that so conspicuously exhibit their ethno-linguistic attributes and distinctions?

Is it not astonishing that the PML-N chief claims that Pakistan’s security and integrity will be damaged if new provinces are created on linguistic or ethnic basis? The question is, how? How does it pose challenges to Pakistan’s security and integrity? If the ethno-linguistic foundations and identities of the existing provinces do not pose challenges to security and integrity of the country, on what logic this alarmist claim is based? Why don’t we learn a lesson from our next-door neighbor India? In the beginning it had only seven states compared to 36 that it now has. And most, if not all, of the new Indian states were created along the demands based on ethnic and linguistic lines. Has it damaged India’s security and integrity? No, rather the process of carving out new states has strengthened its federation.

Keeping in view the purpose of modern-age social contracts, none of the political parties should oppose demands for new provinces. The reason is simple that by having their demands of a new province met by the state, concerned communities turn to own the state and system. They cannot ignore the point that the state has fulfilled their cardinal demand. Thus, they feel a newborn love for the federation as they find themselves a step closer to it. If truth be told regional political parties and individuals exercising power in the provincial capitals feel perturbed and insecure on hearing demands for new provinces. In other words, provincial political leadership is the major opposing force to such demands. Without exception, antagonism towards division of their respective provinces expressed by all of the chief ministers sufficiently explains this truth. It may be the only point on which the quadruplet is united irrespective of the association with regional or national level political parties.

One should not, however, lose sight of the fact that if, on the one hand, PML-N is unhappy on the idea of dividing Punjab into two or more provinces, on the other, it has played a leading role in institutionalizing the demands for new provinces. First of all, it formed a committee comprising senior party members. And more recently, it has asked the federal government for formulation of a national commission on new provinces. Some of the regional politicians urge for taking historical facts also into consideration regarding the matter of provincial boundaries and ask for shifting certain cities from one province to others. It, again, sounds to be a far cry. History, undoubtedly, is of utmost importance. However, it cannot be and should not be adhered to at the cost of a nation’s present and future. Human beings, societies and nations live in the present and plan and prepare for a promising future. They should learn lessons from history but, at the same time, dynamism requires a nation to pay more attention to the nature of problems that they face now rather than remaining caught in the past. By living in the past, they would destroy their present and darken their future.

What should be the pivotal point for discussion and debate on more provinces? The foremost consideration must be welfare and well-being of the concerned people. If they can make progress and improve their lives, new provinces must be formed. Ethnic or linguistic cleavages should not become a hurdle in the path of peace and prosperity of a community. If millions of people living in a particular area make a unified demand regarding their political rights and their political status in the national political structure, it may not necessarily be wrong. Those who are in the helm of the affairs are obliged to address the political and economic grievances of all the communities living within the national boundaries.

ّٓٓٓٓٓٓپریس انفارمیشن ڈپارٹمنٹ آفیشل اردو بلاگ


پاکستان سے بات کریں


تحریر: آصف علی زرداری
صدر اسلامی جمہوریہ پاکستان


جمہوریت کی بنیادی خوبی یہ ہے کہ اس میں تصادم کے مقابلے میں ڈائیلاگ کو ترجیح دی جاتی ہے ۔ یہی 
پالیسی ہم پاکستان میں چلا رہے ہیں۔ پاکستان ایک ایسا ملک ہے جسے شدت پسندی کی دھمکیوں کا سامنا ہے وہاں امریکہ کے کچھ حضرات نے اس پر ایسے حملے کئے جس سے اس ہفتے شدت پسندی کو بہت شہ ملی، اس لئے حیران ہوئے بغیر یہ کہا جا سکتا ہے کہ پاکستان کے خلاف اس منظم کوشش نے پاک امریکہ باہمی روابط کو کھلا نقصان پہنچایا حالانکہ ان روابط کو تضاد کی بجائے مشترکہ مفادات کے لئے استعمال کرکے بہتر نتائج نکالے جا سکتے تھےان حالات میں کہتا ہوں کہ پاکستان کے خلاف لفظوں کی جنگ ٹھنڈی کریں اور سنجیدہ گفتگو کا راستہ اپنا لیں۔ سنجیدہ گفتگو کے لئے ضروری ہے کہ چند زمینی سچائیوں کو فوراً نظر رکھا جائے ۔ اس حقیقت سے کون انکار کر سکتا ہے کہ پاکستان کو کئی فالٹ لائن کا سامنا ہے اسی  Read more >>طرح جنگی جنون بھی رُکا نہیں،

Wednesday, 12 October 2011

Pushtuns will not accept India’s role.

Courtesy: Mohammad Jamil
Pakistan is facing a covert war from the CIA and RAW; and the recent strategic partnership agreement between Afghanistan and India would pose a serious threat on Pakistan’s western border.

Res-gestae of interim order of ICA in Kishenganga case.


Res-gestae of interim order of ICA in Kishenganga case

Cpurtesy By: Ali Nawaz Chowhan | Published: October 10, 2011
THE matter relates to the Indus Water Treaty, 1960 which was signed at Murree on 19 September, 1960 by FM Ayub Khan and Prime Minister Nehru as a sequel to a document of intention which was signed on 4 May, 1948 by Nehru and Ghulam Muhammad, the Governor General, Pakistan.

Succinctly speaking Article 2 of the 1960 Treaty provides the unrestricted availability of the waters of the eastern rivers to India. The restrictive use is enumerated in the later sub paragraphs of the Article likewise Article 3 provides unrestricted availability of waters of western rivers to Pakistan while creating an obligation for India to let flow of the waters of these rivers without interference by India as mentioned in para 5 of the Annexure C to the Treaty. 


The present cause of action has arisen because the parties failed to resolve the dispute concerning the Kishenganga Hydro Project (KHEP) pursuant to the terms of Article IX (4) of the said Treaty. The matter was taken for Arbitration. 
(

(Dried Indus Bed)

Afghanistan and the war

Courtesy: Usman Ghani
It is a known fact that the roots of present extremism in Afghanistan and Pakistan can be traced back to the Russian invasion of Afghanistan, when the Mujahideen were being provided help against the communists. The dangerously armed Mujaheeden were left alone by all to fight among themselves for Kabul after the Soviet Union withdrew. Many of those who fought against the Soviets are dead by now but their part of the land remains very much the same as it was during the soviet invasion.

His master's voice


His master's voice


While the echoes of US allegations of ISI fighting a proxy war in Afghanistan could still be heard loud and clear, the Afghan President Hamid Karzai has also thought it fit to have a swipe at Pakistan by saying that the Taliban could not make any move without a nod from Pakistan. Though put in different words, the essence of US allegations and the incriminating statement of Karzai have an unmistakable synergy.

Karzai’s plan for South Asia


Karzai’s plan for South Asia

Courtesy By S.m. Hali |
Hamid Karzai, the Mayor of the presidential palace in Kabul since his writ is limited to its four walls, levied charges against Pakistan’s premier intelligence agency, the ISI, of orchestrating the assassination of Professor Burhanuddin Rabbani, Afghanistan’s former President and Chairman of the High Peace Council. He then denounced the year-long peace negotiations with the Taliban and rushed off to New Delhi to sign a security agreement, much to Islamabad’s chagrin, since heretofore the Western powers had kept India at bay in Afghanistan to ward off Pakistan’s suspicions.

Monday, 3 October 2011

BESOS means benevolence


S Rahman
Monday, October 03, 2011


Whenever and wherever the names of Zulfikar Ali Bhutto (ZAB) Shaheed and Benazir Bhutto (BB) Shaheed are discussed, the first impression that is formed in one’s mind is that of two highly humane personalities whose motto and mission of life was empowerment and well-being of the masses. ‘Masses are the fountain of power’ (Taaqat ka sarchashma awam hein) was the conviction of ZAB Shaheed. BB Shaheed proved to be the true torchbearer of that conviction as she carried it forward with the same spirit with which her late illustrious father embarked on the mission of ameliorating the masses’ lot especially that of the labouring and toiling classes. Farmers and industrial workers alike as well as the low-grade workers and employees of all organizations were the main focus of both the leaders.

Sunday, 2 October 2011

Resolution

Of the conference of the leaders of all the political parties
Islamabad, September 29, 2011

On the invitation of Prime Minister Syed Yusuf Raza Gilani, the leaders of Pakistan’s political parties met in Islamabad on September 29, 2011 to consider issues relating to national security
2.         The conference was briefed by Foreign Minister Ms. Hina Rabbani Khar and Director General ISI, Lt. Gen Ahmed Shuja Pasha on the security environment of the country and the regional situation.
3.         After in-depth deliberations, leaders of all political parties unanimously resolved, as follows.

Saturday, 1 October 2011

Talk to, not at, Pakistan

By Asif Ali Zardari, Published in Washington Post: October 1

Democracy always favors dialogue over confrontation. So, too, in Pakistan, where the terrorists who threaten both our country and the United States have gained the most from the recent verbal assaults some in America have made against Pakistan. This strategy is damaging the relationship between Pakistan and the United States and compromising common goals in defeating terrorism, extremism and fanaticism.
It is time for the rhetoric to cool and for serious dialogue between allies to resume.