پريس انفارميثسن ڊيپارٽمنٽ جوآفيشل بلاگ


       ڪراچي جي صورتحال ، اصول ، پاليسي ۽ حقيقتون

مفاهمتي سياست  آخر ڇو؟

 تاج حيدر
 اڪثرماڻهو صورتحال کي فقط سياهه يا سفيد رنگ ۾ ڏسندا آهن، دراصل حقيقت اها آهي جو ڪا به صورتحال نه صرف سياهه هوندي آهي ۽ نه ئي وري سفيد بلڪه ان ۾ مثبت منفي ٻنهي عوامل  جو امتزاج موجود هوندو آهي ۽ ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ جو سڌو سنئون رستو اهو آهي ته منفي عوامل کي روڪيو وڃي ۽ مثبت عوامل جي حوصلاافزائي ڪئي وڃي جڏهن ته ڪنهن به سياسي تنظيم يا اداري کي صرف هڪ ئي رنگ ۾ ڏسڻ وڏي غلطي ٿيندي _ اهڙيون سياسي جماعتون جن جو تمام گهڻو ماضي جمهوريت خلاف ڪم ڪندي گذريو  يا جيڪي فوجي آمريتون، صرف پاڪستان پيپلزپارٽِي ۽ ٻئي جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪم ڪندڙ جماعتن جو رستو روڪڻ لاءِ ٺاهيون ويون هيون انهن ۾ ڪجهه عنصر اهڙا ضرورموجود هوندا آهن جيڪي عوام سان سچا هوندا آهن.
                     جمهوريت لاءِ مشڪلاتون ۽ ڊگهي  جدوجهد  جنهن جي اڳواڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪري رهي هئي، عوام جي سياسي شعور کي هڪ بلند سطح تائين پهچايو جڏهن ته شعور هڪ ڀيرو جيڪڏهن بلند سطح تائين پهچي وڃي ٿو ته پوءِ ان جي هيٺين سطح تي واپس ٿيڻ ناممڪن آهي.اهي ڪتابي سبق نه آهن جن کي ڪجهه ماڻهو پڙهڻ کانپوءِ وساري ڇڏيندا آهن. اها پاڪستاني عوام جي سياسي شعور جي هڪ وڏي فتح آهي جو اهي جماعتون ۽ گروپ پڻ جيڪي چون ٿيون ته ”جمهوريت لاءِ اسلام ۾ ڪا به جڳهه نه آهي“ يا اهي جماعتون جيڪي ٺهيون ئي ان مقصد سان هيون ته پاڪستان پيپلزپاٽي  جورستو روڪيو وڃي سي اڄ جمهوري صفن ۾ بيٺل آهن.    حبيب جالب جي ”ديپ جس کا محلات ئي مين جلي“ مون کانئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي جلسي ۾ ٻڌي هئي جيتوڻيڪ اڄ ميان  شهباز شريف مال روڊ لاهور تي بيٺل آهي ۽ ”ديپ جس کا محلات ئي مين جلي“ ڳائي رهيو آهي ته اها جيڪڏهن اسانجي فتح نه آهي ته پوءِ ڪنهن جي فتح آهي؟ اسين ان تمام وڏي تبديلي جي آجيان ڪرڻ سان گڏوگڏ انتهاپسندي ۽ آمريت جو ساٿ ڇڏي جمهوري صفن ۾ شامل ٿيندڙن کي ڀاڪر پائيندا آهيون ۽ اسان جي لاڳيتو اها ڪوشش رهي آهي ته  ان رحجان کي هميشه هٿي ملندي رهي.اسان سمورين شڪايتن، صوبتن، پرتشدد ماضي ۽ ڪوڙن ڪيسن سميت هر ان رنجش کي وساري پاڪستان مسلم ليگ (ن) سان گڏ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون جنهن سان اهي سموريون  جماعتون پڻ متفق آهن جن جون صحيحون ان اهم دستاويزن تي موجود نه آهن .اها اسان جي هڪ سوچيل سمجهيل پاليسي آهي ته  هر طبقي فڪر سان تعلق رکڻ وارو سلسلو سياسي عمل کي وڌيڪ مستحڪم  ڪرڻ ۾ ڪارآمد سياسي ڪلچر جو ڪارڻ بڻجي ٿو.اهو هڪ مهذب سياسي ڪلچر ئي آهي جو آمريت جي ساٿارين جي جن هميشه اها ڳالهه ڪئي آهي ته ”جمهوريت ناڪام ٿي چڪي آهي“ اهو ته ملڪ ۾ ڪنهن به طريقي سان آمريت آڻڻ  جي خواهش رکندڙن  لاءِ  ڀرپور جواب آهي .
                           پاڪستان پيپلزپارٽي کي زميني حقيقتن جي چڱي ريت ڄاڻ آهي. اها سياسي ۽ هٿيار بند عنصرن وچ ۾ فرق کي سمجهي ٿي .اسان کي اهو به اندازو آهي ته  تبديليون آن واحد سان ڪڏهن به نه اينديون آهن ۽ ان لاءِ صحيح موقف  جو ساٿ ڏيڻ، صبر ۽ تحمل جي سخت  ضرورت هوندي آهي. تبديلي جي رفتار ڪيتري ئي سست ڇو نه هجي پر تبديلي صحيح رخ ۾ ٿي رهي آهي ته  پوءِ اسان کي پنهنجي پاليسي تي قائم رهڻ گهرجي جڏهن ته هڪ وقت ضرور اهڙو ايندو جتي سست رفتاري کان ايندڙ تبديليون پنهنجي سامهون وارين رڪاوٽن کي دور ڪري تيز ٿي وينديون آهن.اسانجي” مفاهمت واري پاليسي“ جو روح اهو آهي ته  سياسي پيش رفت ۽ افهام و تفهيم  واري رستي ۾ ماضي جي رنجشن کي رنڊڪ ٿيڻ نه ڏيون، سياسي عمل ۽ خيالن جي ڏي وٺ کي هٿي وٺرايون. جڏهن ته  اسانکي گهرجي ته اسان هر گروپ ۽ پارٽي اندر موجود سياسي عنصرن جي وڌ کان وڌ گنجائش رکڻ سميت مفاهمت  کي هٿي وٺرايون ۽ ڏوهاري ۽ دهشتگردي  جي بنا متڀيد  مذمت ڪرڻ سان گڏوگڏ پختگي سان ان جو مقابلو ڪيون. جڏهن ته اسانجي مفاهمت واري پاليسي کي اسان جي ڪمزوري  نه سمجهيو وڃي .باربار ائين ٿيو آهي ته اسان ٻه قدم اڳيان وڌڻ کانپوءِ  هڪ قدم پوئتي هٽايو آهي ته جيئن ٽڪراءُ جي صورت پيدا نه ٿئي ۽ امن امان واري صورتحال کي برقراررکي سگهجي پر تنهن هوندي به اسانجي مخالفن جي رخ ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه آئي آهي. آئون ” مفاهمت جي پاليسي “ سان ٿيندڙ نقصانن کان پاسو نٿو ڪيان پر قومي سطح جا فائدو اسان کي حاصل ٿيا آهن. اسان کي اها به ڳالهه نظر ۾ رکڻ گهرجي _پاڪستان ٽٽي چڪو هو ڇاڪاڻ ته اڪثر جماعتن پنهنجي 6 نڪات کي پوڻي 6 نڪات  ۾ تبديلي ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون جڏهن ته صرف 14 مهينن  ۾ 1973 جو متفقه آئين تيار ٿي ويو، ڇاڪاڻ ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، سياسي مخالفن سان خيالن جي مٽاسٽا ۽ سندن نقطي ۽ نظريي کي اهميت ڏني _ايم آر ڊي تحريڪ جنهن، ضياءُ الحق امر جون بنيادون هلايون، ميثاق جمهوريت جيڪو مشرف آمر کي رخصت ڪرڻ ۾ پهريون قدم ثابت ٿيو اهو شهيد بي بي صاحبه جي سڀني کي گڏ وٺي هلڻ واري پاليسي جو ئي هڪ حصو هئي_ پارٽي جي موجوده قيادت ان پاليسي کي ڀرپور انداز ۾ اڳيان وڌائي رهي آهي ۽ قومي مقصدن جي حصول ۾ اهڙيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي جيڪي پاڪستان  جي سياسي منظر نامي ۾ ناممڪن سجهيون وينديون هيون.
ڇا پاڪستان جا وسيع علائقا جيڪي مشرف آمريت وڏي فراخ دلي سان مذهبي انتها پسندن حوالي ڪيا هئا اهي واپس وٺجي سگهجن پيا جيڪڏهن اسان ملڪ جي سياسي ۽ مذهبي جماعتن ، ادارن ۽ ملڪي جي عوام جي  ۽ مذهب جي نالي تي ٿيندڙ دهشتگردي خلاف اختلاف راءِ پيدا نه ڪريون ها – ڇا گذريل 17 سالن کان رولڙي جو شڪار اين ايف سي ايوارڊ ممڪن ٿي سگهي ها جيڪڏهن وفاق پنهنجو حصو نه گهٽائي ها ۽ سياسي جماعتن ۾ ٽڪراءُ واري فضا برقرار رهي ها ؟ ڇا پڪستان جو آئين جنهن جو آمرن ۽ ان جي حامين حليو بگاڙيو هو کي درست ڪري سگهجي ها ؟ ۽ ڇا صوبائي خودمختايري جنهن جو مطالبو 60 سالن کان ڪيو پئي ويو صوبن کي ملي سگهي ها ؟  جيڪڏهن پهريان سياسي جماعتن وچ ۾ بغض ۽ دشمني کي ختم نه ڪيو وڃي ها ؟ ڇا مرڪز ۽ صوبن ۾ مستحڪم حڪومتون قائم ڪري سگهجن ها ؟ جيڪڏهن پراڻا زخم تازا ڪيا ويندا رهن ها ۽ هڪٻئي لاءِ ڪا گنجائش پيدا نه ڪئي وڃي ها ؟ مفاهمت ئي واحد رستو آهي جيڪو وڏي قومي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي راهه کي هموار ڪري رهيو آهي ۽ پ پ پ  ان تي عمل پيرا رهندي  ، ڪراچي جي صورتحال ۾ مفاهمت بهترين ۽ سڀ کان گهٽ نقصان جو رستو آهي  ۽ پاڪسان پيپلز پارٽي شروع کان ئي ان تي عمل ڪري رهي آهي –
بد ترين ڌانڌلي باوجود پ پ پ 2008 ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ واضع اڪثريت سان چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ان جي باوجود پارٽيءَ اهو فيصلو ڪيو ته اها ايم ڪيو ايم کي گڏ کڻي هلندي – ايم ڪيو ايم جو گورنر پنهنجي عهدي تي برقرار رهيو ۽ ان جي عهدي  ۽ پوزيشن کي غلط فهميون دور ڪرڻ ۽ مفاهمت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪتب آندو ويو  پ پ پ  2008 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جو شڪار ٿيل پنهنجن اميدوان کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجون شڪايتون واپس وٺن .
                            اسان پنهنجن صفن ۾ سخت ترين ڊسپلين لاڳو ڪيو ۽ هر سطح جي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي ڪو اهڙو بيان نه ڏين جنهن سان مفاهمتي عمل جو نقصان ٿئي باوجود ان جي پارٽي جي پرامن ۽ بي گناهه شهرين جي شهادتن جو سلسلو بدستور جاري هو – تشدد جا واقعا ٿيندا رهيا  پر هر دفعي پ  پ پ ئي هئي جنهن ٻين جماعتن کي مذڪرات لاءِ راضي ڪري  امن قائم ڪيو –  جي ها!  انهن سمورين ڪوششن جي باوجود وقت بوقت  ناڪاميون اسان جو مقدر بڻيون پر ڪنهن به صورت ۾ اسان همٿ نه هاري  ۽ اميد نه ڇڏي اسان جو هر هڪ سان مذاڪرات جي نتيجي ۾ آهستي آهستي  اسان ڪجهه مهينا اڳ هر ڪنهن کي ان ڳالهه تي راضي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا سين ته ڏوهاري پيشه ماڻهن ۽ دهشتگرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪا به جماعت ان ۾ دخل اندازي نه ڪندي.  اها ساڳئي ڪيفيت  آهي جيڪا سوچ ۽ فڪر  ۽مفاهمت جي نتيجي ۾ اسان  خيبر پختونخواه ۾ حاصل ڪئي هئي  ۽ وڏن وڏن علائقن کي  انتها پسندن کان آزاد ڪرايو هو ڪراچي ۾ آپريشن ڪنهن به سياسي مداخلت کانسواءِ جاري آهي ۽ هنيئر تائين نتيجا مثبت آهن  اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن هڪ پاليسي خيبرپختونخواه ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي جتي ڪجهه ماڻهن جا مذهبي جذبا وڏي پيماني تي ٽڪراءُ جو سبب بڻجي رهيا هئا ته ڪراچي جي شهري علائقن ۾ جتي پڙهيل لکيل ۽ سياسي شعور رکندڙ ماڻهو رهن ٿا اتي به آخر ڪار  ها ئي پاليسي ڪامياب ٿيندي.

Comments

Popular posts from this blog

Young achievers

The Indus Water Treaty and the World Bank

Budget 2017-2018: an anodyne view